سڪندر خان ملڪ

سڪندر خان ملڪ

سڪندر خان ملڪ

سڪندر خان ملڪ: مشهور سياستدان ۽ سماج سڌارڪ ملڪ سڪندر خان ولد ملڪ سردار خان پهرين مارچ 1927ع تي ڳوٺ ٿاڻي احمد خان (ضلعي ڄامشوري) ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ خانگي طرح سان پڙهيو. ڪوهستاني علائقي جي ڪيترن ئي قبيلن جي لٺ سرداري ملڪ سڪندر خان جي خاندان جي حصي ۾ آيل هئي. جڏهن سرداريءَ جي پڳ سندس سر تي آئي ته هن ان کي انتهائي محنت ۽ لگن سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جيڪي ڪوهستاني روايتون هيون، تن کي هر حال ۾ برقرار رکيو.
ملڪ سڪندر خان شروع ۾ سيڪريٽريٽ ۾ ڪنهن عهدي تي هو، پير علي محمد شاهه راشديءَ جي صحبت ۾ رهڻ ڪري سياست سان دلچسپي پيدا ٿيس ۽ پارلياماني سياست ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين.
1970ع جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان جي. ايم. سيد جي مقابلي ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. هن ڪيترا سماجي ڪم ڪيا. هن پنهنجي زمين تي هارين کي ڪالوني ٺهرائي ڏني. تعلقي اسپتال ڪوٽڙيءَ لاءِ زمين عطيي طور ڏني. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو به سندس زمين تي قائم آهي. ٿاڻي بولا خان هاءِ اسڪول جي هاسٽل ۽ سپر هاءِ وي کان ٿاڻي احمد خان تائين رستو سندس ڪوششن سان ٺهيو آهي.
هن ذوالفقار علي ڀُٽي جي دور ۾ ڪيتريون عوامي اسڪيمون منظور ڪرايون، جن ۾ پڪا رستا، ڪوٽڙيءَ لاءِ سُئي گئس، ڪوٽڙي ۽ ڪراچيءَ سان ٽيليفون جو سڌو سرشتو، ڪوهستاني علائقي ۾ شڪارگاهه جو قيام، کيرٿر جبل جي چوٽيءَ تي هل اسٽيشن، نيشنل پارڪ ۽ جانورن جا فارم قائم ڪرڻ شامل آهن.
سڪندر ملڪ امن پسند شخص هو. سندس فرزند ملڪ اسد سڪندر به پارلياماني سياست ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان چونڊبو رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.03.01  عيسوي

مشهور سياستدان ۽ سماج سڌارڪ ملڪ سڪندر خان ولد ملڪ سردار خان پهرين مارچ 1927ع تي ڳوٺ ٿاڻي احمد خان (ضلعي ڄامشوري) ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالقاسم نمڪين
پرهياڙ مير محمد
ريجھو مل لاهوري
ابراهيم آڌيلو
محمد ميان سومرو
ڀانيرا بابا پيارا سنگهه
اخلاق حسين
سيد وڏل شاهه بخاري
عبدالحسين ميمڻ
ابن سعد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون